سنائي ناز

سنائي ناز

ناز سنائي

ناز سنائي: اديب ۽ پبلشر ناز سنائيءَ جو اصل نالو محمد عثمان ولد محمد خان ميمڻ آهي. هن 2 آڪٽوبر 1959ع تي مانجهند، تعلقي ڪــوٽــڙيءَ، ضـلـعـي دادوءَ (هـاڻـي ڄام شوري) ۾ جنم ورتو. پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين تعليم سن شهر مان حاصل ڪيائين. انٽر ۽ بي. اي سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان ڪرڻ بعد ايم. اي (سنڌي)، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪيائين. ناز سنائي، شاگرديءَ واري دور کان وٺي علم ۽ ادب سان لاڳاپيل رهيو آهي، کيس شعر شاعريءَ سان به شغف رهيو ۽ شاعريءَ ۾ تاج جويي ۽ راشد مورائيءَ کان اصلاح ورتائين. هن غزل، وائي ۽ بيت تي طبع آزمائي ڪئي آهي. ناز سنائي نثر نويس ۽ نقاد پڻ آهي. هن ٻاراڻي ادب تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. ٻارن لاءِ رسالي چڻنگ جا مسلسل 25 پرچا ڪڍيائين. ان کان سواءِ هن ڪينجهر، مومل ۽ چڻنگ پبليڪيشن جا لاتعداد پرچا ڪڍيا آهن. ناز سنائي هڪ پبلشر جي حيثيت ۾ سنڌ تحقيقي بورڊ، جي. ايم. سيد اڪيڊمي ۽ سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد جو باني چيئرمئن آهي. ٽنهي ادارن پاران هن وقت تائين سون جي تعداد ۾ ڪتاب ڇپائي چڪو آهي. ناز سنائيءَ، جي. ايم. سيد، سوڀي گيانچنداڻي، رسول بخش پليجي، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي ۽ عبدالواحد آريسر جي ڪتابن جي سيريز ڇپائي پڌري ڪئي آهي. ادبي حوالي سان سندس ڪم نمايان آهي. سندس سڃاڻپ متنازعه نقاد طور مشهور آهي. هن ڪيترين علمي، ادبي ۽ سياسي شخصيتن جي تصنيفن ۽ ذات تي سخت تنقيدون ڪيون آهن. ناز سنائيءَ کي شروع کان ئي ادب سان دلچسپي رهي، ان ڪري هن وڌ کان وڌ وقت لکڻ پڙهڻ کي ڏنو آهي. ناز سنائيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ڏکيون جان نه مڙن (انٽرويو)، (2) ڪـڇـان تـه ڪـافــر، (3) مـاءُ کاهـوڙي هليا، (4) رچـي جـي ريٽـو ٿـيـا، (5) ڏونگر جن ڏوريا، (6) حفيظ شيخ، (7) منهنجو عزم فولاد، (8) نوان چار درويش، (9) سنڌ جو سفر، (10) قيد جي ڪهاڻي، (11) سچ سان دوکو (ڪهاڻيون)، (12) ٻوهيي جون تنقيدون (ترتيب)، (13) مان پڙاڏو سڏ جو، (14) تو پڄاڻان سپرين (جي. ايم. سيد بابت)، (15) شيخ اياز هڪ شاعر، هڪ عاشق (ترتيب)، (16) ٿي چڻنگ ڪري چمڪاٽ اڃا، (19) اسان جو لطيف (ترتيب)، (20) آتم ڪٿائون (ٻه ڀاڱا) ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. ناز سنائي اڻٿڪ ليکڪ ۽ پبلشر آهي. سنڌ جي قومي تحريڪ سان ننڍيءَ عمر کان وٺي لاڳاپيل رهيو آهي ۽ ڪجهه عرصو جيل ۾ به رهيو آهي. ناز سنائي، جي. ايم. سيد ۽ قاضي فيض محمد کي ڪافي ويجهو رهيو آهي. حيدرآباد ۾ ’سنڌي ساهت گهر‘ نالي سان هڪ ڪتاب گهر به کوليو اٿس. پاڻ هن وقت ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ ۾ آفيسر آهي. ادبي خدمتن تي کيس ڪيترا اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾ استاد بخاري اوارڊ، دولهه دريا خان اوارڊ، سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙيءَ پاران ’ادب جو خدمتگار اوارڊ ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران جي. ايم. سيد اوارڊ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.10.02  عيسوي

اديب ۽ پبلشر ناز سنائيءَ جو اصل نالو محمد عثمان ولد محمد خان ميمڻ آهي. هن 2 آڪٽوبر 1959ع تي مانجهند، تعلقي ڪــوٽــڙيءَ، ضـلـعـي دادوءَ (هـاڻـي ڄام شوري) ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حميد ڀٽو
ديوي ناگراڻي
داد محمد خادم بروهي ڊاڪٽر
ڊومڪي حڪيم عبداللطيف
شيخ عبدالقادر ڪوڪباني
امين مگسي
سليمان شيخ ڊاڪٽر
قادر بخش مخلص چانڊيو
چرن داس گُر سهاڻي
ريٽا شهاڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون